اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) ??اڪ??تان ۽ ڀارت سفارتي ذريعن سان هڪ ٻئي جي تحويل ۾ قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ج??ري بيان موجب فهرستن جي هڪ ئي وقت مٽاسٽا 2008ع جي قونصلر پهچ جي معاهدي تحت ٿي. معاهدي تحت ٻنهي ملڪن کي هر سال پهرين جنوري ۽ پهرين جولاءِ تي هڪ ٻئي جي تحويل ۾ قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪرڻي هوندي آهي. بيان موجب ??اڪ??تان حڪومت ??اڪ??تان ۾ قيد 266 ڀارتي قيدين (49 سويلين قيدين ۽ 217 مُهاڻن) جي فهرست اسلام آباد ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪئي. ان سان گڏ ئي ڀارتي حڪومت ڀارتي جيلن ۾ ??اڪ??تاني قيدين جي فهرست ??اڪ??تاني هاءِ ڪميشن نئين دهلي جي هڪ آفيسر سان شيئر ڪئي. فهرست موجب ڀارت جي جيلن ۾ مج??وع?? طور تي 462 ??اڪ??تاني آهن جن ۾ (381 شهري قيدي ۽ 81 مُهاڻا) شامل آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ??اڪ??تان ج??ا کان ڀارتي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته اها انهن سمورن ??اڪ??تانين (52 شهري قيدين ۽ 56 مُهاڻن) کي آز??د ڪري ۽ وطن واپس موڪلي جن پنهنجي س??ا پوري ڪري ورتي آهي ۽ جن جي قومي حيثيت جي تصديق ٿي چڪي آهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڀارتي حڪومت تي پڻ زور ڏنو ويو آهي ته اها انهن سمورن ??اڪ??تانين جي حفاظت، سلامتي ۽ ڀلائي کي يقيني بڻائي جيڪي آزادي ۽ وطن واپسي جا منتظر آهن. ??اڪ??تان وڌيڪ اهو ته 1965ع ۽ 1971ع جي جنگين جي 38 گم ٿيل دفاعي اهلڪارن کي قونصلر پهچ ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي.