اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۾ ٽن مختلف ڪاررواين دوران 19 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پي?? ڪندي چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين فتنه الخوارج جي خلاف ڪارروايون جاري رهنديون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پنهنجي ب??ان ۾ انٽيلي جنس تي ٻڌل ڪامياب آپريشنز دوران 19 خوارج کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي ب??ادري کي ساراهيو. صدر ڪارروائي دوران شهادت ماڻيندڙ 3 بهادر جوانن کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر آصف علي زرداري لانس حوالدار عباس علي، نائيڪ محمد نذير ۽ نائيڪ محمد عثمان جي وارث?? سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي ب??ندي، گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. صدر ملڪ ??ان فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر جو چوڻ هو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي جي لاءِ ڪارروايون ڪري رهي آهي.