ڪراچي – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايف بي آر جي فيس ليس ڪسٽمز اسيسمنٽ سسٽم جو افتتاح ڪيو ۽ ڪسٽمز اسيسمنٽ ن??ام جو جائزو پڻ ورتو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان موقعي تي موجود آفيسرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم جديد ن??ام جي طريقيڪار ۽ ڪارڪردگي بابت پڇيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان خودڪار ن??ام ۾ وڌيڪ بهتري جي لاءِ هدايتون پڻ ڏنيون. ان موقعي تي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي ڪسٽمز ڪليئرنس جو هي نئون ن??ام ڪراچي پورٽ تي قائم ڪيو ويو آ??ي، نئين ن??ام سان ڪسٽمز ڪليئرنس ۾ وقت ۾ واضح گهٽتائي ٿي آهي جڏهن ته ان ۾ شفافيت جي عنصر کي فروغ مليو آ??ي، ڪسٽمز ڪليئرنس جو گهٽ ۾ گهٽ وقت 15 کا?? 20 منٽ ۽ وڌ کا?? وڌ وقت 19 ڪلاڪن تي اچي چڪو آ??ي. ڪسٽمز جو فيس ليس اسيسمنٽ سسٽم يعني بنا چهري تشخيصي ن??ام ايف بي آر جي سڌاراجاتي منصوبي جو اهم جز آهي، ان ن??ام تحت بندرگاهن تي درآمد ڪندڙن ۽ تشخيص ڪندڙن ۾ سڌوسنئون رابطو ممڪن ٿيندو نه امپورٽرز کي خب?? هوندي ته ڪير ان جي سامان جي ڪليئرنگ ڪري رهيو آ??ي ۽ نه تشخيصي آفيسر کي خب?? هوندي ته هو ڪنهن جي سامان جي ڪليئرنگ ڪري رهيو آ??ي. فيس ليس اسيسمنٽ ن??ام سان ڪم جي رفتار ۾ پڻ اضافو ٿي چڪو آ??ي، ان ن??ام تحت استعمال ٿيندڙ سمورن ڪمپيوٽرز تي ڪنهن به طرح جي سوشل ميڊيا ايپلي ڪيشنز استعمال نه ٿيون ڪري سگهجن، فيس ليس اسيسمنٽ ن??ام درآمد ڪندڙن جي سامان جي ڪليئرنس ۾ آساني جو سبب بڻجي رهيو آ??ي، ان ن??ام جو مقصد وڌيڪ آسان ۽ شفاف طريقي سان سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. ان جديد ڊيجيٽل ڪمپيوٽرائيزڊ ن??ام جي لاءِ ڪسٽمز جي ايماندار آفيسرن جي مقرري ڪئي وئي آهي، ان سسٽم تي ڪم ڪندڙ اسٽاف جي لاءِ کاڌي پيتي، نماز ۽ واش روم جو انت??ام انهي جڳهه تي ڪيو ويو آ??ي جتي اهي ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته ان جڳهه تي موبائيل فون جي استعمال تي پابندي آهي، ان ن??ام تحت ڪسٽمز ڪليئرنس ۾ گهربل وقت ۾ واضح گهٽتائي ٿي آهي، ڪسٽمز ڪليئرنس جي نئين ن??ام تحت شڪايتن ۾ 80 سيڪڙو گهٽتائي ڏٺي وئي آهي. نئون ن??ام ڪسٽمز ڪليئرنس ۾ ڪرپشن جي خاتمي جي لاءِ اهم سنگ ميل آهي.