راولپنڊي-31 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير جي اڳواڻيءَ هيٺ سال 2024ع ۾ پاڪ فوج ملڪ لاءِ بي مثال خدمتون ڪندي خوارج ۽ دهشتگردن ل??ءِ واضح پاليسي عيوض ??اري آپريشنن ۾ اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي( آءِ ا??س پي آر) موجب سال 2024ع دوران مجموعي طور تي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون ل??ڳو ڪندڙ ادارن دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن خلاف 59775 مختلف قسمن جون ڪامياب ڳجهي ڄاڻ تي ٻَڌل آپريشنز ڪيون. ڪامياب آپريشنز دوران 925 دهشتگردن خاص طور تي خوارجين کي ماريو ويو، جڏهن ته سَوين گرفتار ڪيا ويا. دهشتگرديءَ جي ان ناسُور کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سراسري طور ڏيهاڙي 169 کان وڌيڪ آپريشنز پاڪستاني فوج، انٽيليجنس، پوليس ۽ ٻين قانون ل??ڳو ڪندڙ ادارا انجام ڏئي رهيا آهن. سال 2024ع دوران انهن آپريشنز ۾ 73 انتهائي گهربل دهشتگرد ماريا ويا. مارجي ويلن ۾ فدا الرحمان عرف لعل زوب ڊويزن، علي رحمان عرف طحه سواتي ۽ ابو يحيٰ به شامل آهن. رياستي ادارن جي بهترين حڪمت عملي سبب 14 گهربل دهشتگردن هٿيار ڦٽا ڪري پاڻ کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪيو. سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب حڪمت عملي سبب 2 آپگهات بمبارن کي گرفتار ڪري ملڪ کي وڏي تباهيءَ کان بچايو ويو. آرمي چيف د??شتگردن، خوارجين ۽ سندن سهولتڪارن جي باري ۾ واضح مؤقف رکن ٿا. سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي افغانستان جي ڌرتي مان آزاداڻي دهشتگرد ڪاررواين تي خدشا آهن، هڪ پاڪستانيءَ جي جان ۽ حفاظت اسان ل??ءِ ا??غانستان کان وڌيڪ اُتم آهي. هلندڙ سال پرڏيهي رسالي به آرمي چيف کي دهشتگردن ۽ انتهاپسندن خلاف سگهارو آواز بڻجڻ تي خراجِ تحسين پيش ڪيو. پرڏيهي سرگرمين خلاف به هلندڙ ڀرپور ڪارروايون عمل ۾ آنديون ويون. پاڪستان رياست جو واضح مؤقف آهي ته پرڏيهي سرگرمين ۾ ملوث مافيا دهشتگردن جا سهولتڪار آهن. واضح رياستي پاليسي کي نظر ۾ رکندي سال 2024ع ۾ اسمگلنگ، بجلي چوري، ڀتا خوري، ذخيره اندوزي خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي وئي. هن سال غير قانوني سرگرمين خلاف ڪامياب ڪاررواين جي نتيجي ۾ واضح گهٽتائي ٿي. آرمي چيف جي ڪامياب ملٽري ڊ??لوميسي عيوض پاڪستان اهم سنگ ميل پار ڪيو. ڪامياب ملٽري ڊ??لوميسي عيوض ??هم ملڪن سان ناتن ۾ بهتري ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ واڌ ٿي.