اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) ڊائريڪٽوريٽ آف ال??ڪٽ??انڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشن پاران قائداعظم م??مد علي جناح جي 148هين جنم ڏهاڙي جي حوا??ي سان تصويرن جي نمائش منعقد ڪئي وئي. انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ پاڪستان جي باني باباءِ قوم قائداعظم م??مد علي جناح جي ناياب تصويرن ۽ پينٽنگس جي نمائش منعقد ڪئي وئي، جنهن جو مقصد نوجوان نسل کي باباءِ قوم جي يادگار جدوجهد ۽ الڳ وطن لاءِ ڏنل قربانين بابت آگاهي ڏيڻ آهي. نمائش دوران قائداعظم م??مد علي جناح جي زندگيءَ ۽ ڪاميابين جي عڪاسي ڪندڙ دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي. ان موقعي تي انفارميشن سروس اڪيڊمي جو ڊائر??ڪٽ?? جنرل سيد مبشر توقير شاهه تقريب ??و خاص مهمان هو، جڏهن ته ڊائريڪٽوريٽ آف ال??ڪٽ??انڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائر??ڪٽ?? عمرانه وزير، ڊائر??ڪٽ?? جنرل ثمينه فرزين ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊي جي انفارميشن سروس اڪيڊمي سيد مبشر توقير شاهه ڳالهائيندي قائداعظم م??مد علي جناح کي اميد ۽ عزم جو مجسمو قرار ڏنو، جنهن جو اڻ ٿڪ عزم پاڪستان قائم ٿيڻ جو سبب بڻيو. هن ڊجيٽل تصويري نمائش جي ڪامياب انعقاد تي ڊائريڪٽوريٽ آف ال??ڪٽ??انڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي قدمن ۽ تقريب ۾ اسلام آباد جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن کي شامل ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيو. سيد مبشر توقير شاهه چيو ته اسان کي پنهنجي روز مره جي زندگي ۾ قائداعظم جي نظريي تي عمل ڪرڻ گهرجي. تقريب ??وران قائداعظم جي جنم ڏينهن جي حوا??ي سان پينٽنگ ۽ تصويري نمائش جي مقابلي جي فاتح شاگردن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا ويا. هن نمائش ۾ شرڪت ڪندڙ شاگردن جي فني ۽ فڪري ڪوششن کي ساراهيو ۽ نمائش جو دورو ڪيو. نمائش ۾ فن سان لڳاءُ رکندڙ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ??ي آخر ۾ قائداعظم جي جنم ڏينهن جي مُناسبت سان ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.