اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ عدم پيروي ۽ ٻين سببن جي بنا تي ڪيترائي ڪيس اُڪلائي ڇڏيا. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي آئيني بينچ آئيني معاملن بابت گذريل ڏينهن ڪيترن ئي ڪيسن جي ٻُڌڻي ڪئي ۽ اڪثر درخواستن کي ڪنهن نه ڪنهن سبب سان رد ڪر?? ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ درخواستن کي دائمي ترتيب ۾ ٻُڌڻ??ءَ لاءِ مقرر ڪيو ۽ اڪثر پُراڻن ڪيسن جا درخواستگذارن طرفان عدم پيروي سبب انهن کي اُڪلائڻ جا قدم جاري رکيا. آئيني بينچ عام چونڊ 2024ع ۾ مبينه ڌانڌل??ءَ بابت 3 درخواستون عدم پيروي سبب اُڪلائي ڇڏيون. ٻُڌڻي شروع ٿيڻ تي درخواستگذار عبدالقيوم خان، محمود اختر نقوي ۽ ميان شبير عدالت ۾ موجود نه هئا. آئيني بينچ پي ٽي آءِ باني طرفان داخل درخواست جي ٻُڌڻي ملتوي ڪر?? ڇڏي، جنهن جي ٻُڌڻي هاڻي سپريم ڪورٽ ۾ سياري جي موڪل کانپوءِ ٿيندي. پي ٽي آءِ بان??ءَ جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ فيبروري 2024ع ۾ ٿيل عام چونڊ ۾ مبينه ڌانڌل??ءَ خلاف پنهنجي درخواست کي ملتوي ڪرڻ جي گذارش ڪئي جنهن تي بينچ درخواست منظور ڪر?? ورتي. جسٽس امين الدين خان جي سربراه??ءَ ۾ آئيني بينچ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻ?? جج مظاهر علي اڪبر نقوي جي پاڪستان جوڊيشل ڪميشن طرفان ان کي شوڪاز نوٽيس جي خلاف درخواست تي به اُڪلائي ڇڏي. واضح رهي ته مظاهر علي نقوي کي پاڪستان جوڊيشل ڪميشن بدانتظامي جي بنياد تي سپريم ڪورٽ ج?? جج جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو هو. مظاهر نقوي جي وڪيل عدالت ۾ گذارش ڪئي ته سندس مؤڪل سان رابطو قائم ن??هي ٿيو ۽ رابطو ڪرڻ ۽ مشوري لاءِ وقت ڏنو وڃي، جڏهن ته عدالت ان درخواست کي رد ڪر?? ڇڏيو ته ڪيس ۾ ڪابه نئين اڳڀرائي ن??هي ٿي ۽ پاڪستان جوڊيشل ڪميشن پهريائين کي پنهنجو فيصلو ٻُڌائي چڪي آهي.