اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف اسرائي?? جي لبنان جي خلاف فوجي جارحيت جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي لبنان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهب??ز شريف ڪالهه سومر ڏينهن لبنان جي وزيراعظم نجيب ميقاتي ??ان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ لبنان جي لاءِ جنگبندي جي معاهدي جي آجيان ڪئي ۽ فلسطين جي عوام جي لاءِ پڻ اهڙي طرح جي معاهدي جي ضرورت تي زور ڏنو. لبنان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڀائراڻي ۽ گرمجوشي تي ٻڌل لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته پوري پاڪستاني قوم هن مشڪل وقت ۾ لبنان جي عوام ??ان يڪجهتي ??ان گڏ بيٺل آهي، ان جذبي تحت پاڪستان لبنان ۾ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن کي انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪئي ۽ مستقبل ۾ پڻ هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. ٻنهي اڳواڻن شام جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم بيروت جي رستي شام ۾ ڦاٿل پاڪستاني شهرين جي فوري انخلا ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ نجيب ميقاتي جي ذاتي مداخلت ۽ مدد جي درخواست ڪئي. لبناني وزيراعظم ميقاتي اسرائي?? جي فوجي جارحيت جي خلاف پاڪستان جي اصولي موقف تي وزيراعظم محمد شهب??ز شريف جا ٿورا مڃيا. هن چيو ??ه اهو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گرمجوشي تي ٻڌل ڀائراڻن لاڳاپن جو هڪ مثال آهي. هن وزيراعظم محمد شهب??ز شريف کي يقين ڏياريو ته لبنان شام مان پاڪستانين جي انخلا ۾ هر ممڪن مدد ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم محمد شهب??ز شريف شام ۽ لبنان ۾ مقرر پاڪستان?? سفيرن ??ان پڻ رابطو ڪيو ۽ انهن کي شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي انخلا جي حوالي ??ان هر ممڪن تعاون ۽ مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.