اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ”ون واٽر سمٽ“ ۾ شرڪت جي لاءِ 3 ۽ 4 ڊسمبر تي سعودي عرب جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب سعودي عرب، فرانس، قازقستان ۽ عالمي ب??نڪ جي حصيداري سان منعقد سمٽ جو مقصد عالمي ت??او?? کي فروغ ڏيڻ ۽ اعليٰ سطحي سياسي واعدن جي ذريعي پاڻي ??سيلن جي انتظام جي لاءِ ٺوس عالمي موقف کي فروغ ڏيڻ آهي. بيان موجب وزيراعظم سربراهي اجلاس ۾ اهم خطاب ڪندو جنهن ۾ تازي پاڻي جي وسيلن ۽ آبي زمينن جي ڏس ۾ بحالي، تحفظ ۽ موافقت تي ڌيان ڏنو ويندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پاران پاڻي جي تحفظ کي فروغ ڏيڻ، آبهوا ۾ تبديلي جي اثرن کي ب??داشت ڪرڻ، پاڻي جي معيار کي بهتر بڻائن، روزگار جا ذريعا وڌائڻ ۽ حياتياتي جيوت جي تحفظ جي لاءِ کنيل قدمن تي پڻ روشني وجهندو. وزيراعظم موسمياتي تبديلين سبب ٻوڏن، غيرمعمولي ۽ انتهائي موسمي حالتن ۽ پاڻي ??سيلن ۽ ماحولياتي نظام تي گرمي جي دٻا??ُ جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي ت??او?? جي اهميت سان گڏوگڏ پاڻي ??سيلن جي پائيدار انتظام جي لاءِ بامعنيٰ عالمي ت??او?? تي پڻ زور ڏيندو. سربراهي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم جون ٻطرفيون ملاقاتون ۽ مصروفيتون متوقع آهن.