اسلام آباد- 30 نومبر (اي پي پي) ملائيشيا ج?? وزيراعظم انور ابراهيم چيو آهي ت?? پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف س??ن ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ هن ملائيشيا ۾ بدترين ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن تي همدردي ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي، مان سندس اهڙي جذبي جو ٿورائتو آهيان ۽ کيس ملائيشيا ج?? دوري جي دعوت پڻ ڏني آهي. گذريل ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ ملائيشيا ج?? وزيراعظم چيو ته وزيراعظم شهباز شريف فون ڪال دوران متاثر ٿيل اٽڪل هڪ لک 40 هزار کان وڌيڪ ملائيشيا جي شهرين جي بهتري لاءِ دعا ڪئي ۽ ٻنهي قومن جي دوستي ۽ تعاون جي جذبي تحت امداد جي فراهمي جو ارادو ظاهر ڪيو. هن چيو ته مان سندس اهڙي فراخدلي ت?? سندس ٿورا مڃيندي کيس ايندڙ سال جي شروع ۾ ملائيشيا ج?? دوري جي دعوت ڏني آهي.