اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري و??اق?? وزير، اعظم نذير تارڙ سان پاڪستان ۾ منشيات ۽ ڏوهن بابت گڏيل قومن جي نمائندي ٽرولس ويسٽر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عدالتي سڌارن ۽ ماحولياتي ڏوهن جهڙن اُڀرندڙ شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌُرين پاڪستان ۾ قانون ۽ ماحولياتي منصوبن کي اڳيان وڌائڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو. ڪالهه انساني حقن واري وزارت مان جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ ڪيس اسائنمينٽ ۽ مئ??جمينٽ سسٽم (سي اي ايم ايس) تي خاص توجهه ڏني وئي جيڪا قانون ۽ انصاف واري وزارت ۽ يو اين او ڊي سي جو گڏيل منصوبو آهي. سي اي ايم ايس جو مقصد ڪيس مئ??جمينٽ کي روايتي طريقن سان ڊجيٽل نظام طرف منتقل ڪرڻ آهي ته جيئن قانوني ماهرن جي ڪارڪردگي ۽ فوري ڪيس جي نگرانيءَ کي بهتر بڻائي سگهجي. هاڻ تائين وزارت و??اق?? وزيرن جي فوڪل پرسنز جي ڇهن بينچن کي تربيت فراهم ڪئي آهي ۽ سي اي ايم ايس هن وقت نيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن اينڊ انفارميشن سيڪيورٽي بورڊ (اين ٽي آءِ ايس بي) تحت جاچ ۽ سيڪيورٽي آڊٽ جي مرحلي ۾ آهي. يو اين او ڊي سي ضروري انفراسٽرڪچر فراهم ڪيو آهي جنهن ۾ سرورز ۽ ڪمپيوٽر شامل آهن ۽ فني مسئلن جي حل لاءِ لڳاتار پنهنجو سهڪار فراهم ڪري رهي آهي. ٽرولس ويسٽر سي اي ايم ايس کان علاوه ماحولياتي تبديلي ۽ـ ڏوهن جي روڪٿام جهڙن نَون امڪاني شعبن ۾ سهڪار جي نشاندهي ڪئي. و??اق?? وزير پراسيڪيوٽرز جي صلاحيت ۾ واڌ جي اهميت ??ي زور ڀريو ۽ ان سلسلي ۾ يو اين او ڊي سي جي سهڪار جي آجيان ڪئي. ويسٽر، پاڪستان ۾ گهٽ سزا جي تناسب جي سببن جو جائزو وٺڻ لاءِ ۽ بهتريءَ جي مختلف ماڊلز کي دريافت ڪرڻ لاءِ هڪ گڏيل منصوبي جي تجويز ڏني. و??اق?? وزير تازو ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ ۾ ترميمن جي حوالي سان ويسٽر کي آگاهه ڪيو ۽ انهن ترميمن ۾ يو اين او ڊي سي جي سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن تي ويسٽر عدليه سان ڀائيواريءَ کي يقيني بنائڻ ۾ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. و??اق?? وزير، يو اين او ڊي سي جي مسلسل معاونت تي سندس شڪريو ادا ڪيو ۽ صلاحيت ??ازي، ماحولياتي قدمن ۽ عدالتي سڌارن ۾ گڏيل ڪوششن لاءِ پاڪستان کي عزم کي ٻيهر ورجايو. ٻنهي ڌُرين ملاق??ت جي پڄاڻي گڏيل سهڪار جي قدرن ۽ ڀائيواري ۾ مسلسل ترقيءَ جي عزم سان ڪيو.