اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪن??ي ۽ اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي وچ ۾ اهم ملاقات ٿي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال ۽ صوبائ?? حڪومت جي ڌيان نه ڏيڻ، معاشي ترقي جي لاءِ وفاق?? حڪومت جي قدمن، نوجو??نن جي مثبت سرگرمين ۾ مشغوليت، صوبي ۾ دانش اسڪول جي قيام تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان موجوده صورتحال، ان ۾ بهتري جي لاءِ قدمن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي اڳواڻن خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي خراب صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. خيبرپختونخواهه جي گورنر ۽ اطلاعات واري وفاقي وزير صوبي ۾ امن امان جي بحالي جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏنو. خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ان موقعي تي چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ نوجو??نن کي انتشاري سياست کان پري رکڻ ۽ مثبت سرگرمين طرف راغب ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته وفاق?? حڪومت خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان هر ممڪن تعاون فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاق?? حڪومت صوبي ۾ دانش اسڪول جي قيام ۽ معياري تعليم جي فروغ جي حوالي سان قدم ک??ي رهي آهي، خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي بحالي وفاق جي ترجيحن ۾ شامل آهي، خيبرپختونخواهه جي عوام اسان جا ڀائر آهن، انهن جي ڀلائي وفاق جي اولين ترجيح آهي، خيبرپختونخواهه جي عوام کي انهن جي حق کان محروم نه ڪيو ويندو، صوبي ۾ ثقافتي سرگرمين کي فروغ ڏنو ويندو. ملاقات ۾ ڊيره اسماعيل خان ۾ ميڊيا حب بڻائڻ ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. خيبرپختونخواهه جي گورنر اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ا?? جي ماتحت ادارن ۾ ٿيندڙ جدت ۽ مثبت تبديلين کي خوش آئنده قرار ڏنو. ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه ۾ تعليمي ۽ ثقافتي سرگرمين جي فروغ بابت مختلف تجويزون پڻ بحث هيٺ آيون.