اسلام آباد-01 نومبر (اي پي پي) سعودي عرب جي گاديءَ واري هنڌ رياض ۾ وفاقي وزيرن پاران سعودي ??مل??ارن سان اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ وڏي سيڙپڪاري جي روڊ ميپ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سعودي وفد جي هاڻوڪي پاڪست??ن جي دؤري ۽ وزيراعظم جو سعودي عرب جي دؤري جي روشنيءَ ۾ گڏيل معاهدن کي عملي جامو پهرائڻ تي اتفاق ڪ??و ويو. جاري ڪيل پريس رليز موجب سعودي عرب جي سيڙپڪاري بابت وزير شيخ خالد بن عبدالعزيز الفالح سان اعليٰ سطحي وفد سان گڏ رياض ۾ پاڪستان مان دؤري تي ويل سيڙپڪاري بورڊ، نجڪاري ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ پيٽ??ول??م واري وفاقي وزير مصدق ملڪ اعليٰ آفيسرن سان گڏ اجلاس منعقد ڪيو، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن ۾ طئي ٿيل ايم او يوز ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جي معاهدن تي ??مل??رآمد جو جائزو ورتو ويو. سعودي وزير وفاقي وزيرن جي سعودي عرب ۾ آجيان ڪندي چيو ته سندن هاڻوڪو دؤرو انتهائي خوشگوار، هاڪاري ۽ تعميري رهيو جنهن جي روشنيءَ ۾ ايندڙ اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو پ??و وڃي. هن سيڙپڪاري بورڊ جي وفاقي وزير کي 25 ۽ 26 نومبر تي سعودي عرب ۾ ٿيندڙ ايڪسپو ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. سندس چوڻ هو ته پاڪستاني معيشت ۽ واپار کي هٿي ڏيڻ ۾ ماضي وانگر آئينده به سعودي عرب ڀرپور ڪردار ادا ڪندو ۽ جن شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ان ۾ سيڙپڪاري جي ڳاڻيٽي ۾ وڌيڪ واڌ ڪندو. پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ وفاقي وزير عبدالعليم سعودي ??مل??ارن کي ٻُڌايو ته پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ اهم شعبن جي ترجيحي فهرست مطابق ??مل??رآمد کي يقيني بڻائيندو ۽ سازگار ماحول جي فراهميءَ سان گڏوگڏ سعودي سيڙپڪارن کي غير ضروري ڪاررواين کان پاسو ۽ هر طرح جي سهولت جي فراهمي يقيني بڻائيندو. هن چيو ته اسان کي نين گهرجن موجب سيڙپڪاريءَ جي معاملن کي اڳيان وڌائي پاڪ- سعودي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻو آهي، هڪ مهيني دوران سعودي عرب جي وزير جي پاڪستان آمد ۽ ان کان فورن بعد پاڪست??ن جي وزيراعظم جو اُت??ن جو دؤرو ۽ وفاقي وزيرن جي موجودگي اس??ن جي مضبوط عزم جو اظهار آهي. ان اعليٰ سطحي اجلاس ۾ سيڙپڪارن لاءِ سعودي عرب ۽ وفاقي وزيرن وچ ۾ فالو اپ جاري رکڻ ۽ ڪم جي رفتار وڌائڻ تي اتفاق ڪ??و ويو جڏهن ته وفاقي وزيرن، سعودي وزير ۽ سعودي ??مل??ارن جو شڪريو ادا ڪندي انهن کي ٻنهي ملڪن لاءِ سٺو سنوڻ قرار ڏنو. اجلاس ۾ سعودي عرب ۽ پاڪست??ن جي سيڙپڪاري واري وزارت جي سينيئر آفيسرن ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار جي نشاندهي ڪئي ۽ ان حوالي سان مختلف فني معاملن کي جلد مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان اهم فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کان پوءِ سيڙپڪاري عملي طور شروع ٿي ويندي.