اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ 26هين نيشنل سي??يورٽي ورڪشاپ جي 95 شرڪت ڪندڙن جي هڪ گروپ پرڏيهي وزارت جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس موج?? نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پرڏيهي سي??ريٽري آمنه بلوچ انهن کي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي، چئلينجز ۽ ٻين معاملن کان آگاهه ڪيو. شرڪت ڪندڙن کي پرڏيهي وزارت ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز جي ڪم بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. سيشن جي پڄاڻي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي سي??ريٽري حاضرين جي سوالن جا جواب ڏنا ۽ ڪورس جي شرڪت ڪندڙن سان فڪرانگيز ڳالهه ٻولهه ڪئي.