اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پوليو جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي اسان پ??ليو جي خاتمي جي حوالي سان آگاهي ۽ ان موذي مرض جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پنهنجي عزم جي تجديد جي لاءِ متحد آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب 24 آڪٽوبر تي پوليو جي خاتمي جي عالمي ڏينه?? جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پوليو هڪ اهڙي بيماري آهي جنهن سڄي دنيا جي لکين ٻارن کي متاثر ڪيو آهي، پاڪستان پ??ليو جي خاتمي جي مشن ۾ عالمي برادري سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته اسا?? جي حڪومت پاڪستان کي پوليو کان پاڪ بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششن ۾ ثابت قدم آهي ۽ هڪ اهڙي مستقبل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي جتي ڪو به ٻار ان بيماري کان متاثر نه ٿئي. وزيراعظم چيو ته اسا?? جي ه??لٿ ورڪرز، ڊبليو ايڇ او، يونيسيف ۽ بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جهڙن عالمي حصيدار?? جي اڻٿڪ محنت جي ڪري اسان پ??ليو جي ڪيسز کي گهٽ ڪرڻ ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي جڏهن ته سيڪيورٽي خدشن، پوليو ويڪسين بابت غلط معلومات ۽ ڏورانهن علائقن تائين پ??چ جهڙا مسئلا درپيش آهن پر انهن سمورين رڪاوٽ?? جي باوجود اسا?? جي ه??لٿ ورڪرز هر ٻار کي پوليو ويڪسين پ??ارڻ جي لاءِ بهادري سان ڪم جاري رکيو آهي. هن چيو ته اسان نيشنل ايمرجنسي ايڪشن پ??ا?? جي ذريعي صحت جي بنيادي ڍانچي کي ب??تر بڻائڻ سان گڏوگڏ ويڪسي?? جي ڪوريج کي وڌائي رهيا آهيون ۽ غلط معلومات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي پڻ ڪوشش ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پوليو جي خاتمي جي لاءِ علائقائي تعاون انتهائي اهميت رکندڙ آهي، سرحد پار کان پ??ليو جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي حوالي سان پاڪستان ۽ افغانستان کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسا?? جي اها ويڙهه پوليو جي خاتمي سان گڏوگڏ عوامي صحت جو هڪ مضبوط نظام بڻائڻ ۽ ايندڙ نسل?? جي صحت جي تحفظ بابت آگاهي ۽ ڪوشش بابت آهي. وزيراعظم سمورن والدين کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦرا پيارين ۽ ڪميونٽي ليڊرز پڻ پوليو جي خاتمي جي پيغام کي عام ڪن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پ??ليو فري ملڪ بڻجڻ جي لاءِ پرعزم آهي، پنهنجي شهرين ۽ عالمي حصيدار?? جي تعاون سان اسان ان مقصد کي حاصل ڪنداسين.