اسلام آباد ??? 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري 2 ڏينهن جي دوري تي ترڪمانستان روانو ٿي ويو. ايوان صدر ج?? پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اشڪ آباد ۾ منعقد ٿيندڙ ”وقت ۽ تهذيبن جا گڏيل لاڳاپا – امن ۽ ترقي جو بنياد“ جي موضوع تي عالمي فورم ۾ شرڪت ڪندو. فورم جو انعقاد عظيم ترڪمان مفڪر، شاعر ۽ فلسفي مخدوم گلي فراگي جي 300هين سالگرهه جي مناسبت سان ڪيو پ??و وڃي. صدر دوري دوران فورم جي سائيڊ ل??ئينز تي ترڪمانستان جي قي??دت سان ملاقات پڻ ڪندو.