اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جماعت اسلامي جي اڳوڻي نائب امير محمد اسلم سليمي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب و??يراعظم محمد شهباز شريف مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪندي چيو ته محمد اسلم سليمي هڪ معتبر ۽ اعليٰ ??رجي جو سياستدان هو. محمد اسلم سليمي جي لاڏاڻي سان پاڪستان جي سياست هڪ روشن ستاري کان محروم ٿي وئي آهي.