نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا چيو آهي ته پاڪست??ن جي وزيراعظم سان سندس ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان ملاقات کانپوءِ پ??هن??ي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪست??ن جي وزيراعظم سان سندس ڳالهه ٻولهه مثبت، فائديمند ۽ تعميري رهي. هن چيو ته ملاقات ۾ پاڪست??ن جي معيشت جي بحالي، مهانگائي ۾ گهٽتائي، ٽيڪس نظام ۾ شفافيت ۽ روزگار جي نئين موقعن جي فراهمي جي لاءِ آءِ ايم ??يف جي تعاون سان سڌارن جي نئين پروگرامن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. ٻنهي اڳواڻن معاشي استحڪام ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪومت ۽ آءِ ايم ??يف جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.