ڪراچي – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري شهيدن جي قربانين کي سلام پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي م??ڪ ۽ قوم ??ي لاءِ بي مثال قربانين ??ي لاءِ احسانمند رهندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جار?? بيان موجب صدر ڪراچي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ذاڪر بلوچ شهيد جي گهر ويو ۽ شهيد جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر ان موقعي تي شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي، ??پٽي ڪمشنر ذاڪر بلوچ مستونگ، بلوچستان حملي ۾ شهيد ٿيو هو. صدر آصف علي زرداري چيو ته شهيد ذاڪر بلوچ قومي ذميواري سرانجام ڏيندي شهادت ماڻي، پوري قوم شهيدن جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته پوري قوم شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي م??ڪ ۽ قوم ??ي لاءِ بي مثال قربانين ??ي لاءِ احسانمند رهندي. صدر شهيد جي حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو ۽ وارثن ??ي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.