نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو 79هون ساليانو اجلاس شروع ٿي ويو. ڪالهه اڱاري ڏينهن افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس د??يا جو ڌيان غزه ۾ جاري ظلمن طرف ڇڪرايو. هن چيو ته غزه ۾ بنا رڪاوٽ بمباري هڪ ڊ??ڄا??يندڙ خواب آهي، فلسطينين جي خلاف گڏيل سزا بنا جواز آهي. انتونيو گوتريس چيو ته ڇڪتاڻ ۽ تشدد ۾ اضافي جي ڪري هاڻي لبنان به جنگ جي ويجهو آهي?? لبنان کي هڪ ٻيو غزه نه بڻجڻ گهرجي. هن چيو ته سزا کان ڇوٽ ۽ اڻبرابري جا رجحان د??يا جي لاءِ وڌندڙ خطرو آهي. د??يا ۾ سزا کان ڇوٽ جو رجحان سياسي ۽ اخلاقي لحاظ کان ناقابل برداشت آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو چوڻ هو ته عالمي برادري غزه ۾ فوري جنگبندي جي لاءِ گڏيل قدم کڻي ۽ ٻه رياستي حل کي ڪامياب بڻائي.