اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ??يو آهي ته پاڪستان يورپي يونين سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، يورپي يونين سان لاڳاپن کي مضبوط حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، عالمي برادري کي والاريل ڄمون ڪشمير ۽ غزه ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اهڙو اظهار هن يورپي يونين جي خصوصي نمائندي فرانس وين ڊيل جي سربراهي ۾ ملاقات ڪندڙ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وفد ۾ پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير ڊاڪٽر رينا ڪيونڪا به شامل هئي. ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن، انساني حقن ۽ موسم??ات?? تبديلين سميت اهم موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر ??يو ته پاڪستان يورپي يونين سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ انهن کي مضبوط حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن ??يو ته پاڪستان هڪ گهڻ رخي الثقافتي، گهڻ مذهبي ?? گهڻ قومي ملڪ آهي، پاڪستاني شهرين کي آئين موجب سمورا بنيادي حق حاصل آهن، انهن جي حقن جي تحفظ ۽ فلاح ۽ بهبود لاءِ پارليامينٽ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. سردار اياز صادق ??يو ته پاڪستان ۾ اقليتي قومي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اسان مذهبي هم آهنگي ??ي هٿي ڏيڻ لاءِ هر سطح تي قدم کڻي رهيا آهيون، اقليتي برادرين کي به پارليامينٽ ۾ ڀرپور نمائندگي ??ني وئي آهي. اسپيڪر ??يو ته عالمي برادري کي والاريل ڄمون ڪشمير ۽ غزه ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جو نوٽيس وٺندي اتي جاري ظلمن کي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن ??يو ته جي ايس پي پلس جي حوالي سان پاڪستاني قدمن کي عالمي پذيرائي ملي رهي آهي.يورپي يونين جي خصوصي نمائندي فرانس وين ڊيل ??يو ته پاڪستان عالمي سطح تي اهم ملڪ آهي، ان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهيون ٿا، يورپي يونين پاڪستان سان ٻطرفي ?? گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي.