راولپنڊي – 26 – آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي بلوچستا?? جي مختلف علائقن ۾ آپريشنز دوران 21 دهشتگردن کي ماريو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 14 جوان شهيد ٿيا. آءِ ايس پي آر موجب 25 ۽ 26 آگسٽ 2024ع ج?? وچ واري رات دهشتگردن بلوچستان ۾ ڪيتريون ڪڌيون ڪارروايون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. دشمن عنصر?? جي هدايت تي ڪئي ويندڙ انهن بزدلاڻي دهشتگردي جي ڪاررواين جو مقصد بلوچستا?? جي پرامن ماحول ۽ ترقي کي نقصان پهچائڻ هو، جن ۾ خاص طور تي موسيٰ خيل، قلات ۽ لسٻيلا ۾ معصوم شهرين کي نشانو بڻايو ويو. انهن واقع?? جي نتيجي ۾ ڪيترائي معصوم شهري شهيد ٿيا. موسيٰ خيل ۾ دهشتگرد?? راڙاشم جي عام علائقي ۾ هڪ بس کي روڪيو ۽ بيگناهه شهرين کي نشانو بڻايو جيڪي بلوچستان م پنهنجي روزي ڪمائڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا هئا. سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن فوري طور تي ڪارروائي ڪندي دهشتگرد?? جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو ۽ جوابي ڪارروائي دوران 21 دهشتگردن کي ماريو جنهن سان مقامي آبادي جي تحفظ ۽ سيڪيورٽي کي يقيني ??ڻايو ويو. جڏهن ته انهن ڪاررواين دوران 14 بهادر جوان جن ۾ 10 سيڪيورٽي فورسز جا جوان ۽ 4 قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار شامل هئا، بهادري سان وڙهندي شهيد ٿيا. علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته انهن ڪڌي ۽ بزدلاڻي ڪاررواي?? جي منصوباسازن، ڏوهارين، سهولتڪارن ۽ معاونين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو جيڪي معصوم شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن. پاڪستا?? جي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا قوم سان گڏجي بلوچستا?? جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهن. اسا?? جي بهادر جوانن جون اهي قربانيون اسا?? جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.