ملتان-26 آگسٽ (اي پي پي)توانائي واري ??فاقي وزير سردار اويس لغاري چيو آهي ته ايندڙ هڪ سال ۾ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي نظر ايندي. پنجاب حڪومت طرفان بجلي جي صارفين کي ڏنل 45 ارب رپين جي رليف کي شفاف انداز ??ان صارفين ??ان پهچائينداسين. اهڙو اظهار هن ميپڪو هيڊ ڪوارٽرز ۾ ميڊيا ??ان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته آءِ پي پيز ??ان معاملا گڏيل ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ملڪي ۽ عوامي مفادن مطابق طئي ڪيا ويندا. سردار اويس لغاري جو چوڻ هو ته ڪيپسٽي ادائگين جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ به ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نجڪاريءَ کان اڳ ڊسڪوز جا معاملا ٺيڪ ڪنداسين. پري ??يڊ ميٽرز لڳائڻ، صارفين جي مسئلن جي حل ۽ پنجاب حڪومت جي بجلي جي بلن ۾ ڏنل رليف کي شفاف انداز ??ان صارفين تائين پهچائينداسين. سردار اويس لغاري چيو ته وزارت مان سفارش جو ڪلچر ختم ڪيو ويو آهي. ملتان ريجن ۾ 15 سيڪڙو کان وڌيڪ بجلي چوريءَ ??ون رپورٽون آهن، جنهن جي روڪٿام لاءِ سخت قدم کنيا پيا وڃن، ان سلسلي ۾ انتظاميه کي فري ??ينڊ ڏنو ويو آهي، ان جو چوڻ هو ته ا??ان جو هدف آهي ته سمورن ميٽرز کي سمارٽ ميٽرز تي منتقل ڪيو وڃي جنهن جو فائدو سنگل ۽ ٿري ??يز صارفين کي ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته بجلي صارفين جي سهولت ۽ شڪايتن تي فوري ڪارروائيءَ لاءِ هيلپ لائن جي نظام کي وڌيڪ مؤثر بڻايو پيو وڃي، ان کان اڳ وفاقي وزير ميپڪو جي آفيس ۾ اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس دوران هيلپ لائن نظام جي بهتري ??يپڪو ڪا??ڪر??گي ۽ پنجاب حڪومت طرفان بجلي جي صارفين کي 45 ارب رپين جي رليف کي شاندار انداز ??ان صارفين تائين پهچائڻ لاءِ تجويزن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.