اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) س??ني?? چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پارلياماني عمل ۾ نوجوانن جي شموليت نه رڳو اهم قدم پر ملڪي مفاد لاءِ گهڻو ضروري آهي، پاڪستان جي 64 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي جيڪي ملڪ جو انتهائي قيمتي اثاثو آهن، س??ني?? انٽرنشپ پروگرام نوجوانن کي پارلياماني عمل سان ج??ڙڻ لاءِ هڪ منظم رستو فراهم ڪري. اهڙو اظهار هن سمر انٽرنشپ پروگرام جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. س??ني?? چيئرمين چيو ته س??ني?? سمر انٽرنشپ پروگرام جي پڄاڻي جي موقعي تي ان تقريب کي خطاب ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. س??ني?? جي ڪميٽين ۽ سيڪريٽريٽ ۾ نمايان ڪارڪردگي تي آئون اوه??ن سڀني کي خراج تحس??ن پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته نوجوانن ۾ سماجي ۽ معاشرتي تبديلي کي اڳتي وڌائڻ جي صلاحيت تمام گهڻي آهي، نوجوان نسل کي ملڪ جي جمهوري عمل ۾ شامل ڪرڻ سان ادارن کي سگهه ملندي آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته قانونسازي جي ايوانن ۾ نوجوانن جي شرڪت جو رجح??ن سڄي دنيا ۾ هٿي وٺي رهيو آهي، قانونسازي جي عمل ۾ نوجوانن جي شموليت ملڪ لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي آهي ۽ ان ڳالهه کي به يقيني بڻائيندي آهي ته حڪومتي پاليسيون نوجوانن جي امنگن جي عڪاسي ڪنديون آهن. هن چيو ته تاريخي طور تي نوجوانن سياسي نظام جي جوڙجڪ ۽ سماجي تبديلي کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح نوجوان نسل جي صلاحيتن کي تسليم ڪيو ۽ نوجوانن تي زور ڀريو ته هو پاڻ کي قومي تعمير لاءِ تيار ڪن. نوجوان مستقبل جا معمار آهن. نوجوانن جي مهارتن ۽ صلاحيتن کي ملڪي مفاد جي استعمال ۾ آڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. س??ني?? انٽرنشپ پروگرام نوجوانن کي پارلياماني عمل سان ج??ڙڻ لاءِ هڪ منظم رستو فراهم ڪندو. نوجوانن انٽرنشپ پروگرام مان قانونسازي جي طريقيڪ??ر، پاليسي سازي ۽ آفيس جي معاملن بابت نمايان آگاهي حاصل ڪئي. نوجوانن جو پارليامينٽ هائوس ۾ ڪم جو تجربو انهن جي روشن مستقبل جي ضمانت ثابت ٿيندو. نوجوانن کي نه رڳو پارليامينٽرين سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو پر س??ني?? جي اعليٰ عملدارن جي تجربي مان به فائدو کنيو. س??ني?? چيئرمين چيو ته اس??ن سڀ اوهان جي روشن مستقبل لاءِ دعاڳو آهيون. اميد آهي ته اوه??ن سڀ پنهنجي محنت ۽ قابليت عيوض ملڪ جو قيمتي اثاثو ثابت ٿيندا. سيد يوسف رضا گيلاني س??ني?? سيڪريٽريٽ جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ س??ني?? جي اعليٰ عملدارن کي خراج تحس??ن پيش ڪيو.