اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وانگ فوڪانگ جي سربراهي ۾ چي?? جي 12 رڪني اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن سيد محسن نقوي، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، احد خان چي??ا، خاص معاون طارق فاطمي، وزيراعظم ??ي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل سان گڏوگڏ چي??ي سفير جيانگ زائيڊونگ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چي??ي وفد وزيراعظم جي چي?? جي دوري کانپوءِ چي?? جي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ حصيداري جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي. 12 رڪني چي??ي وفد ۾ 10 مختلف وزارتن جا نمائندا شريڪ آهن. وزيراعظم چي??ي قيادت، صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي چيانگ جا خصوصي ٿورا مڃيندي چي??ي وفد جي آجيان ڪئي. چي??ي ماهرن جو اعليٰ سطحي وفد پاڪستان ۾ چي??ي سيڙپڪاري، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي حوالي سان حصيداري ۽ تعاون ۽ پاڪستان جي روانگي واپار جي فروغ تي پنهنجي راءِ پيش ڪندو. چي??ي وفد پاڪستان ۾ مختلف وزارتن، شعبي جي ماهرن سان ملاقاتون ۽ مختلف جاين جو دورو ڪندو. چي??ي وفد انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، صنعت، سيڙپڪاري، توانائي، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي، خصوصي اقتصادي زونز ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي تجويزون ڏيندو. وزيراعظم پنهنجي شروعاتي ڳالهه ٻولهه ۾ وفد کي پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي صلاحيت جي حوالي سان آگاهه ڪيو. چي??ي وفد جي سربراهه چي?? ته گڏيل فني تعاون سان پاڪ – چي?? اسٽريٽجڪ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، مثالي مهمان نوازي تي پاڪستان جا ٿورائتا آهيون.