اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪ??مي?? تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪ??مي??ين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره ??لوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته جنيوا ۾ انساني حقن جي ڪميٽي تازو ئي ڀارت جي چوٿين لڳاتار رپورٽ تي غور ڪيو. هو شهري ۽ سياسي حقن جي عالمي معاهدن جي شقن کي ڪهڙي طرح لاڳو ڪري ٿو. ترجمان چيو ته ڪارروائي دوران پبلڪ سيفٽي ايڪٽ ۽ پبلڪ سيڪيورٽي ايڪٽ جهڙي سخت قانونن ??حت گرفتارين ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مي?? ۾ موبائيل انٽرنيٽ سروس جي مسلسل معطلي بابت اهم سوال اٿاريا ويا. هن چيو ته اهو ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مي?? ۾ انساني حقن جي خراب صورتحال با??ت عالمي انساني حقن جي مشينري جي مسلسل خدشن کي ظاهر ڪري ٿو. ترجمان چيو ته اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو والاريل ڄمون ۽ ڪ??مي?? ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي انهن خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي ۽ ڪ??مي??ي عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جو خاتمو ڪري.