اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سلطانت عمان جي پرڏيهي وزير سيد بدر بن حمد بن حمود البوسيدي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن مسقط جي واديءَ ڪبير ۾ امام بارگاهه علي بن ابو طالب تي ٿيندڙ تاز?? دهشتگرد حملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ هر قسم ج?? دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ گڏيل ڪارروائي ج?? اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ عمان جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو. هن ميتن جي پاڪستان واپسي ۽ عمان جي اسپتالن ۾ پاڪستاني زخمي شهرين جي سارسنڀال ۾ عمان جي تعاون کي پڻ ساراهيو. بيان موجب ٻنهي اڳواڻن سياسي، اقتصادي ۽ دف??عي تعاون کانسواءِ عوام جي مٽاسٽا تائين ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير هن هفتي ج?? آخر ۾ عماني سيڙپڪارن جي هڪ وفد جي پاڪستان اچڻ جي آجيان ڪئي ج??ڪو گڏيل طور تي لاڀائتي اقتصادي تعاون جي شعبن کي ڳولڻ جي لا??ِ تيار آهي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي ج?? علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. قيادت ۽ پرڏيهي وزارت جي سطح تي دورن جي مٽاسٽا تي ا??ول?? طور تي اتفاق ڪيو ويو جنهن جي لا??ِ سفارتي ذريعن سان گڏيل طور تي مناسب تاريخن کي طئي ڪيو ويندو.