اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پارليامينٽ ۽ عوام ۾ ويجهن رابطن سان ملڪ ۾ جم??ور??ت مس??حڪ?? ٿيندي، ??نگ سٽيزن انٽرن شپ پروگرام ذريعي مستقبل جي معمارن کي پارليامينٽ ۽ ان جي نظام بابت آگاهي ملندي. ينگ سٽيزن انٽرن شپ پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي هن چيو ته پروگرام ۾ شامل سمورن ٻارن کي پارليامينٽ ۾ آجيان ڪريان ٿو. قومي اسيمبلي ۾ ٻارن جي انٽرن شپ جو بنياد 2014ع ۾ رکيو ويو، ٻارن جو انٽرن شپ پروگرام منهنجي دل جي تمام ويجهو آهي، ??ارن جي روشن مستقبل لاءِ سمورا امڪاني قدم کڻنداسين. هن چيو ته خوشي آهي ته ان پروگرام ۾ ملڪ جي سمورن علائقن ۽ طبقن جي نمائندگي آهي، ??ارليامينٽ 25 ڪروڙ عوام جي دانش گاهه آهي. هن چيو ته ينگ سٽيزن شپ پرگرام ذريعي مستقبل جي معمارن کي پارليامينٽ ۽ ان جي نظام بابت آگاهي حاصل ٿيندي، ??ارليامينٽ ۽ عوام جي ويجهن رابطن سان ملڪ ۾ جم??ور??ت وڌيڪ مس??حڪ?? ٿيندي، اهو اطمينان آهي ته ملڪ جو مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهي. هن چيو ته ملڪ جي ترقي لاء?? ضروري آهي ته سڀ گڏجي ڪم ڪريون. هن ٻارن کي پروگرام ۾ ڀرپور شرڪت کي يقيني بڻائڻ تي پڻ ??ور ڀريو.