ڪراچي-11 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪالهه سي ٽي ڊي جي شهيد ڊي ايس پي علي رضا کي خراج عقيد?? پيش ڪرڻ لاءِ ڪريم آباد پهچي ويو. گهرو وزير محسن نقوي شهيد ڊي ايس پي جي رهائشگاهه تي سوڳوار خاندان سان م??اقات ڪئي. وارثن ک?? دلاسو ڏنو ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي شهيد ڊي ايس پي علي رضا لاءِ هلال شجاعت ۽ قائد اعظم پوليس ميڊل ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هن جو چوڻ ه?? ته ڊي ايس پي علي رضا انتهائي بهادر پوليس آفيسر هو. قوم کي اهڙن جرئتمند پوليس آفيسرن تي ناز آهي. شهيد ايس ايس پي چوڌري اسلم کانپوءِ شهيد ڊي ايس پي علي رضا ڪراچي ۾ دهشتگردن جي ??يلهه ٽوڙي ڇڏي هئي. هن چي?? ته اسان جو ايمان آهي ته شهيد زنده هوندا آهن ۽ شهيد ڊي ايس پي علي رضا هميشه اسان جي دلين ۾ زنده رهندو. ايڊيشنل آءِ جي پوليس يعقوب ناصر، ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي آصف اعجاز شيخ، ايس ايس پي سينٽرل ۽ سي ٽي ڊي جا آفيسر به ان م??قعي تي موجود هئا.