ڪراچي -07 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف چيئرمين ايف بي آر کي پاڪستاني ??ند??گاهن تي ترجيحي بنيادن تي جديد ترين اسڪينرز لڳائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي، ته ڪسٽمز عملدار، پورٽ عملدارن سان گڏجي ??ند??گاهن جي سگهه مان مڪمل فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ قدمن کي يقيني بڻائين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم ??حمد شهباز شريف هيچيسن پورٽ، ڏک?? ايشيا پاڪستان ٽرمينل جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم ??حمد شهباز شريف کي ٽرمينل جي آپريشنز جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ هيچيسن پورٽ، ڏک?? ايشيا پاڪستان ٽرمينل دنيا جي ڪجهه گهري پاڻي ۾ موجود ٽرمنيلز مان هڪ آهي، پورٽ ٽرمينل کي جديد طريقي سان هلايو پيو وڃي جنهن ۾ اڪثر آپريشنز پاڻ مرادو آهن. پورٽ ٽرمينل تي جديد ٽيڪنالاجي ۽ اسڪينرز لڳايا ويا آهن. وزيراعظم کي پورٽ ٽرمينل جي سگهه جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته پورٽ 35 لک ڪنٽينرز ساليانو اچ وڃ جي صلاحيت رکي ٿو. ايف بي آر طرفان ??ند??گاهن تي جديد اسڪرنز لڳائڻ جو عمل حتمي مرحلي م آهي جنهن ۾ جديد اوزارن ۽ مصنوعي ذهانت جي مدد سان ڪنٽينرز جي گهٽ وقت ۾ اسڪيننگ ڪري سگهبي. وزيراعظم ??حمد شهباز شڙيف چيو ته پورٽ ٽرمنيل جا آپريشنز عالمي معيار جي عين مطابق آهن، وزيراعظم ??يچيسن پورٽ، ڏک?? ايشيا ٽرمنيل جي جديد آپريشنز کي ساراهيو. هن ايف بي آر جي چيئرمين کي پاڪستاني ??ند??گاهن تي ترجيحي بنيادن تي جديد ترين اسڪينرز لڳائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته ڪسٽمز عملدار پورٽ عملدارن سان گڏجي ??ند??گاهن جي سگهه وڌائڻ مان مڪمل فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ جلد قدم يقيني بڻائين. هن چيو ته پاڪستان جي روانگي واپار واري صنعت جي ترقي لاءِ ??ند??گاهن جي ترقي انتهائي ضروري آهي. ملڪي روانگي واپار جي واڌ لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. حڪومت خطي جي ٻين ملڪن خاص ڪري وچ ايشيائي رياستن لاءِ مختصر ۽ موذون ترين سامونڊي راهداري فراهم ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستاني ??ند??گاهن جي ترقي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وچ ايشيائي رياستن چين ۽ ٻين ملڪن جي پاڪستاني ??ند??گاهن ذريعي واپار سان پاڪستان هر سال اربين ڊالرن جو مٽاسٽا وارو ناڻو ڪمائي سگهندو. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، عطا تارڙ، ڄام ڪمال خان، قيصر احمد شيخ، احد خان چيمه، سن?? جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري، سيد مراد علي شاهه، چيئرمين ايف بي آر ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به وزيراعظم سان گڏ موجود هئا.