بيجنگ – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين سان پنهنجي دوستي تي فخر آهي، اها دوستي عوام جي دلين ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿي آهي ۽ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ان??ن جي گڏيل خواهش کي سگهه ڏي ٿي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ سان ملاقات ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي، ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن بشمول ٻطرفي ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي تف??يل?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پا?? چين سدابهار اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ وڌندڙ تعاون جي صورت ۾ سي پيڪ کي اپ گريڊ ڪرڻ جي اسان جي گڏيل خواهش جو ورجاءُ ڪيو. سي پيڪ جي مسلسل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو جيڪو هاڻي پنهنجي ٻئي مرحلي طرف وڌي رهيو آهي. هن چيو ته منهنجي حڪومت بابت سٺن تبصرن تي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جو ٿورائتو آهيان، چيني وزيراعظم سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفي م??اه??ت جي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحن واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ کي پاڪستان جي دوري جي دع??ت ڏني. هن چيو ته چين سان اها دوستي عوام جي دلين ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿي آهي ۽ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ان??ن جي گڏيل خواهش کي سگهه ڏي ٿي.