ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي هڪ ڏينهن جي دوري تي ابوظهبي پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??را?? جاري بيان موجب ابوظهبي پهچڻ تي نائب صدر، نائب وزيراعظم ۽ چيئرمين صدارتي درٻار شيخ منصور بن زايد النهيان وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. استقبال ڪندڙن ۾ گڏيل عرب امارات ۾ پا??ستاني سفير فيصل نياز ترمذي، پا??ستان ۾ اماراتي سفير حماد عبيد ابراهيم الزابي ۽ اعليٰ پا??ستاني ۽ اماراتي عملدار پڻ شامل هئا. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران انفارميشن ٽيڪنالا??ي جي شعبي سان تعلق رکندڙ پا??ستاني ۽ گڏيل عرب امارات جي ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان ملاقات ڪندو.