لاهور – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سروس لانگ مارچ ٽائرز گروپ جي چيئرمين جين يانگشينگ لاهور ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران سروس لانگ مارچ ٽائرز گروپ جي چيئرمين وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته ڪمپني پاڪستان ?? 300 ارب رپين جي وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ وڃي رهي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سيڙپڪاري جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي. سروس لانگ مارچ ٽائرز گروپ جي چيئرمين وڌيڪ ٻڌايو ته سيڙپڪاري کانپوءِ 2025ع ۾ ڪمپني پاڪستان مان 100 ملين ڊالر جا ٽائر برآمد ڪري سگهندي ۽ ان سيڙپڪاري سان پاڪستان ۾ اٽڪل هڪ هزار روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت جي سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار دوست پاليسين تي ??را?? تحسين پيش ڪيو. هن ٽائرز جي اسمگلنگ جي خاتمي جي لاءِ حڪومتي قدمن تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم سروس لانگ مارچ ٽائرز جي پاڪستان ۾ پنهنجي آپريشنز کي سگهه ڏيڻ جي قدم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي اضافي جي لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان ۾ ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن کي وڌيڪ سهولت ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ شريڪ هئا.