اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) جمهوريه ازبڪستان جو پرڏيهي وزير بختيار سيدوف ٻن ڏي??هن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. پرڏيهي آفيس موجب گادي واري شهر اچڻ تي ازبڪ پرڏيهي وزير جو شاندار استقبال ڪيو ويو، پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل وچ ايشيا ۽ اي سي او اعزاز خان سندس استقبال ڪيو. دوري دو??ان پرڏيهي وزير بختيار سيدوف وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪندو ۽ نائب و??يراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان گڏيل دلچسپي جي وسيع تر ٻطرفن معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو ج??هن ۾ واپار ۽ رابطن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو.