اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ترڪيه جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل متين گورڪ کي بهترين ??نتظامي ڪارڪردگي تي نشان امتياز (ملٽري) سان نوازيو. ايوان صدر ۾ پروقار تقريب ٿي جنهن ۾ چيئرمي?? جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد، ٽنهي هٿياربند فوج جا سينيئر عملدار، غيرمل??ي سفارتڪار?? جو وڏو انگ موجود هو. صدر آصف علي زرداري بهترين ??نتظامي ڪارڪردگي، ترڪيه ۾ امن ۽ استحڪام ۽ پاڪستان سان ويجهي لاڳاپن ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي ترڪيه جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل متين گورڪ کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو.