اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) پارليامنٽ هائوس جي گڏيل اجلاس ۾ صدارتي اليڪشن لاءِ پولنگ شروع ٿيڻ کان اڳ پريذائيڊنگ آفيسر جسٽس عامر فاروق ??يمبرن کي پولنگ جي طريقيڪار ۽ بيلٽ پيپ?? جي استعمال جي حوالي سان هدايتن جاري ڪيون. پارليامنٽ جي گڏيل اجلاس ۾ صدارتي اليڪشن لاءِ پولنگ جي شروعات کان اڳ پريذائيڊنگ آفيسر ميمبرن کي ٻڌايو ته بيلٽ پيپر تي لاڳاپيل اميدوا?? جي نالي آڏو ڪراس جو نشان لڳائڻو پوندو، اهو نشان لاڳاپيل اميدوا?? جي نالي آڏو ٺهيل خاني جي اندر هجڻ ضروري آهي. جيڪڏهن ڪنهن ميمبر جو بيلٽ پيپر ڪنهن سبب ڪري خراب ٿي وڃي ته هو پ??ري??ن بيلٽ پيپر واپس جمع ڪرائي ٻيو وٺي سگهي ٿو. هن چيو ته پولنگ بوٿ ۾ موجود پينسل کان علاوه ٻيو قلم نشان لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي.