اسلام آباد – 01 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته سني اتحاد ڪونسل جي مخصوص سيٽن جي حوالي سان معاملو الي??شن ڪميشن وٽ آهي ان ڪري هو الي??شن ڪميشن جي فيصلي جو انتظار ڪن هتي هر ميمبر جو فارم 45 ۽ فارم 47 چيڪ ??ٿو ڪري سگهجي، اسان وٽ الي??شن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن ??ان علاوه ٻيو ڪو ذريعو ناهي. قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيڻ تي سني اتحاد ڪونسل ايوان ۾ هنگامه آرائي ڪئي. عمر ايوب خان جي اعتراض واري نقطي تي اسپيڪر رولنگ ڏيندي چيو ته انهن سمورن ميمبرن جن جو قومي اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت سان الي??شن ڪميشن نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي اهي ان ايوان جا معزز ميمبر آهن. عمر ايوب خان چيو ته اهو ايوان مڪمل ناهي. اسان گذريل ڏينهن پڻ ڳالهه ڪئي هئي ته اسپيڪر ان حوالي سان رولنگ ڏي. چونڊ عمل اسانجي عورت ميمبرن جي عدم موجودگي ۾ قانون خلاف آهي. اسان انصاف ۽ قانون جي بالادستي چاهيون ٿا. بيرسٽر گوهر علي خان اعتراض واري نقطي تي چيو ته آئين جو آرٽيڪل 51 تقضا ڪري ٿو ته ايوان مڪمل هجڻ گهرجي، اسپيڪر ان حوالي سان رولنگ ڏي. جمهوريت ۾ هر ووٽ جي اهميت هوندي آهي. اسپيڪر چيو ته الي??شن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن ??ان علاوه اسيمبلي سيڪريٽريٽ وٽ ڪو ٻيو ذريعو ناهي. الي??شن ڪميشن خودمختيار ادارو آهي. اسان ميمبرن جا فارم 45 چيڪ ??ٿا ڪري سگهون. بيرسٽر گوهر علي خان چيو ته اسان اسپيڪر سان فارم 47 ۽ فارم 45 جي ڳالهه ناهي ڪئي. اسان رڳو پنهنجي مخوصوص سيٽن جي حوالي سان اسپيڪر جي رولنگ چاهيون ٿا. راڻا تنوير حسين چيو ته 2018 جو الي??شن بدترين ڌانڌلي وارو الي??شن هو. ان وقت مسلم ليگ (ن) جي اڪ??ريت کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويو سني اتحاد ڪونسل ته پنهنجي پارٽي جي فورم تان الي??شن ناهي وڙهي. انهن کي گهرجي ته الي??شن ڪميشن سان رابطو ڪن. اسپيڪر رولنگ ڏني ته مخصوص سيٽن جي حوالي سان سني اتحاد ڪونسل الي??شن ڪميشن سان رابطو ڪيو آهي، هو الي??شن ڪميشن جي فيصلي جو انتظار ڪن، ان سلسلي ۾ اصل فورم الي??شن ڪميشن ئي آهي.