لاهور-08 فيبروري (اي پي پي)پنجاب جي صوبائي گادي واري هنڌ لاهور جي پولنگ اسٽيشنن تي مجموعي طور پولنگ جو عمل پرامن طريقي سان جاري رهيو، شهرين وڏي انگ ۾ پنهنجي ووٽ جو استعمال ڪيو، پولنگ اسٽيشنن ٻاهران عورتن، ٻارن جو وڏو انگ موجود هو، جڏهن ته ڪجهه پولنگ اسٽيشنن تي وڏي عمر جون عورتون ۽ مرد ويل چيئر تي ووٽ ڏيڻ آيا. خبر موجب لاهور جي مختلف علائقن ڪوئين مي??ي ڪاليج، ڳڙهي شاهو، ماڊل ٽائون، سنت نگر، اسلام پوره، گوالمنڊي، اڇهرا، مصري شاهه سميت ٻين علائقن ۾ پولنگ اسٽيشنن تي رش رهي، ان ??وقعي تي ووٽرز پنهنجا تاثر ڏيندي چيو ته اسان ??ي ووٽ وجهڻ ڪنهن به قسم جي تڪليف جو منهن نه ڏسڻو پيو، مختلف پولنگ اسٽيشنز جي پرزائيڊنگ آفيسرن ٻڌايو ته چونڊ عمل پرامن طور جاري رهيو، سول ۽ پوليس انتظاميه طرفان ??ڪمل سهڪار ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوار ۽ انهن جي پولنگ ايجنٽن جو به ڀرپور تعاون رهيو، اندروني شهر سميت شهر جي مختلف پولنگ اسٽيشنن ٻاهران ??فاصلي تي قائم اميدوارن جي ڪيمپن ۾ انهن جا ب??نر?? ۽ چونڊ نشان ??ڳل هئا، ان ??وقعي تي ڪنهن به قسم جي اڻوڻندڙ واقعي کي روڪڻ لاءِ سيڪيورٽي ??ورس جي اهلڪارن جا جٿا موجود هئا، ان کانسواءِ پنجاب ريسڪيو سروس 1122 جا اهلڪار به پنهنجي حفاظتي ڪٽس سان ??نهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا هئا. ٻئي طرف شهر جي مختلف پولنگ اسٽيشنن تي اميدوارن طرفان ??ڳايل ڪيمپن ۾ ٻن پهرن جي ماني جو به بندوبست ڪيو ويو.