اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته اسان اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي غزه ۾ جاري اسرائيلي فوجي جارحيت ۽ رفح شهر تي انڌاڌنڌ حملن ۾ شدت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪرڻ بابت بيان جي توثيق ڪريون ٿا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??مت??ز زهره بلوچ اسلام آباد ۾ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسلامي تعاون تنظيم اسرائيلي جارحيت جي رفتار ۾ توسيع ۽ اضافي تي خطري جي گهنٽي وڄائيندي فلسطيني عوام کي انهن کي پنهنجي سرزمين تي زبردستي بي گهر ڪرڻ جي ??اقابل قبول ڪوششن جي خلاف خبردار ڪيو آهي. هن چيو ته رفح ۾ 14 لک بي گهر ماڻهن جي خلاف اسرائيل جو بي رحماڻو حملو انصاف جي عالمي عدالت جي عبوري حڪم ۾ بيان ڪيل عارضي قدمن جي ??اضح خلاف ورزي آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن ??ي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪري ٿو ته هو گڏيل قومن ??ي چارٽر تحت پنهنجي ذميواري پوري ڪري ۽ جنگبندي لاڳو ڪرڻ ۽ فلسطيني عوام جي ??تل عام کي بند ڪرڻ جي ??اءِ فوري مداخلت ڪري. هن چيو ته اسان ڪجهه ملڪن پاران گڏيل قومن ??ي ريليف اينڊ ورڪ ايجنسي جي ??نڊن کي معطل ڪرڻ جي ??يصلي کي فوري طور تي واپس وٺڻ جو پڻ مطالبو ڪريون ٿا. هن چيو ته وڌيڪ فوتگيون ۽ ڏڪار کان متاثر ٿيڻ ۽ مناسب طبي امداد جي عدم دستيابي کي روڪڻ جي ??اءِ غزه جو گهيراءُ ختم ٿيڻ گهرجي. ترجمان چيو ته پاڪستان غزه جي گهيري هيٺ عوام جي ??نهنجي اڻٿڪ سفارتي، اخلاقي، سياسي ۽ انساني حمايت ۾ پرعزم آهي.