ڪراچي – 29 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مسجدون ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ مذهبي اخلاقيات سان گڏوگڏ اسڪول نه وي??دڙ ٻارن کي تعليم جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ??گهن ٿيون، مسجدن کي مسلمان معاشري ۾ مرڪزي مقام حاصل آهي ۽ انهن کي ماڻهن کي بيمارين کان بچاءُ ۽ ٻين اهم سماجي مسئلن کان آگاهي جي لاءِ استعمال ڪري ??گهجي ٿو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار تعليم جي فروغ ۽ صحت جي مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ مسجدن ۽ مدرسن جي ڪردار بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر انيق احمد ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي عالمن شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اجلاس کي خطاب ڪندي ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ناڪافي تعليمي انفراسٽرڪچر جي ڪري 26 ملين اسڪول نه وي??دڙ ٻارن کي تعليم ڏيڻ هڪ مشڪل ڪم آهي. هن وڌيڪ چيو ته نئين اسڪولن جي تعمير ۾ تمام گه??ن وسيلن سان گڏوگڏ وقت گهربل هوندو. ان ڏس ۾ سڄي ملڪ ۾ اٽڪل اڍائي لک مسجدون انهن ٻارن کي تعليم طرف واپس آڻڻ جي لاءِ هڪ منفرد ۽ گهٽ خرچ رستو ذريعو بڻجي سگهن ٿيون. صدر چيو ته حڪومت جي ايڪسلريٽڊ لرننگ پروگرام کي شامل ڪري مسجدن کي تعليم جي مرڪزن طور استعمال ڪري ??گهجي ٿو، وڌيڪ اهو ته مسجدون معاشري ??ي مرڪز ۾ هجڻ گهرجن جيڪي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ دنياوي ۽ ديني تعليم فراهم ڪن ٿيون. مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري نگران وفاقي وزير اجلاس کي ٻڌايو ته مسجدن ۾ تعليمي سرگرمين جي نگراني ڪن??ڙ ??پيش ام??م“ جي ڪردار کي وڌائي مسجدن کي وڌ کان وڌ استعمال ڪري ??گهجي ٿو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن صدر جي ويزن کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ان خيال کي حقيقت ۾ بدلائڻ جي لاءِ پيش ام??من جي صلاحيت ۾ اضافو ضروري ??هي.