اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ زراعت، ٽيڪنالاجي، تعيلم ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون، سيڙپڪاري ۽ واپاري رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ اٽلي جي سفير اينڊريس فرارس سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران ??زي??اعظم ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون ??ي لاءِ اٽلي جي عهدو ڇڏيندڙ سفير جي خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته اٽلي سان پاڪستان جا پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن. هن ??نه?? ملڪن جي وچ ۾ مائيگريشن، زرعي ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ سياحت ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اٽلي جي سفير پاڪستان ۾ قيام دوران مثالي تعاون تي ٿورا مڃيا. هن نگران ??زي??اعظم کي پنهنجي سفارتي مدي دوران ٿيندڙ اهم اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو. هن اٽلي جي اقتصادي ترقي ۾ پاڪستانين جي اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيو. نگران ??زي??اعظم عهدو ڇڏيندڙ سفير جي اڳتي جي ذميوارين ??ي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.