لاهور-11 جنوري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته پاڪستان جي ترقيءَ جو واحد رستو تعليم ??هي?? پنهنجو ڌيان تعليمي شعبي تي ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيا??ن جو اظهار هن خاص مهمان جي حيثيت سان هتي ايوان اقبال ۾ لاهور ليڊز يونيورسٽي جي ستين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي لاهور ليڊز يونيورسٽي جي وائيس چانسلر نديم ڀٽي، چيئرمين بورڊ آف گورنرز ميان ظهور وٽو سميت فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ڪانووڪيشن ۾ 1080 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڊگريون ڏنيون ويون. وفاقي وزير خطاب ڪندي چيو ته مون کي هتي اچي دلي خوشي ٿي ??هي?? ڪانووڪيشن هڪ يادگار لمحو هوندو ??هي?? ان ڏينهن شاگرد ۽ شاگردياڻون پنهنجي محنت جو ثمر حاصل ڪندا آهن. هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي هر نعمت سان نوازيو ??هي?? نوجوان اسان جو اثاثو ??هي?? اميد آهي ته هو پنهنجي پيشوراڻيون ??ميواريون ??حسن طريقي سان نڀائيندا. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽن طريقن سرڪاري، نجي ۽ مدرسن ۾ تعليم ڏني پئي وڃي جيڪو ملڪ ۾ ٽي مختلف طبقا پيد?? ڪندو آهي. مدد علي سنڌي چيو ته حڪومت جي اولين ترجيح تعليم کي معيار کي بهتر بنائڻ ۽ اسڪول مان ٻاهر ٻارن کي واپس آڻڻ آهي. هن چيو ته ليڊز يونيورسٽي معياري تعليم فراهم ڪري رهي ??هي?? اهڙن تعليمي ادارن جي سخت ضرورت آهي. آخر ۾ مهمان خاص شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ميڊلز ۽ ڊگريون ورهايون.