اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وز??ر مرتضيٰ سولنگي اسلام آباد هاءِ ??ورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته صحافت ۾ ڪورٽ رپورٽرز جو اهم ڪردار آهي، وڪيلن وانگر ڪورٽ رپورٽرز کي به قانون کان آگاهي رکڻي پوي ٿي. پنهنجي مبارڪباد واري بيان ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وز??ر چيو ته نگران حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي. هن چيو ته ڪورٽ رپورٽرز ٽيڪنيڪل فيلڊ آهي، وڪيلن وانگر ڪورٽ رپورٽرز کي قانون کان آگاهي رکڻي پوي ٿي. هن چيو ته غيرجانبداراڻي صحافت سان ئي معاشرو صحيح رخ وٺي سگهي ٿو. هن چيو ته فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ صحافين جا مسئلا حل ڪيا ويندا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وز??ر چيو ته اسلام آباد هاءِ ??ورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل عهديدارن جي چونڊ صحافين جي ان??ن تي اعتماد جو مظهر آهي، اميد آهي نوان چونڊيل عهديدار پنهنجي ساٿي رپورٽرز جي اميدن تي پورو لهندا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وز??ر اسلام آباد هاءِ ??ورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي 2024ع جي چونڊن ۾ نئين چونڊيل صدر فياض محمود، سينيئر نائب صدر حسين احمد، نائب صدر (وومين) امبرين علي، جنرل سيڪريٽري محمد عمران، فنانس سيڪريٽري شهزاد علي، جوائنٽ سيڪريٽري عادل سع??د عباسي، سيڪريٽري اطلاعات فرح مه جبين سميت ايگزيڪيوٽو باڊي جي ميمبرن عامر بلوچ، رئوف بزمي، عابد علي آرائين، ابراهيم عباسي ۽ ادريس عباسي کي مبارڪباد ڏني.