اسلام آباد-09جنوري (اي پي پي) تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي تعليمي ماحول کي هٿي ڏيڻ ۽ ضرورتمند شاگردن لاءِ فيس ۾ رعايت/اسڪالرشپ جي دائري کي وڌائڻ ذريعي برابري کي بهتر بڻائڻ تي زور ڀريو آهي. جاري پريس رليز موجب هن اهڙن خيالن جو هن نجي تعليمي ادارن جي سربراهن سان ملاقات ۾ ڪيو. وفاقي وزير کي ٻڌايو و??و ت?? سراسري سمورا نجي ادارا پنهنجي شاگردن کي 15 کان 25 سيڪڙو تائين وظيفا ڏئي رهيا آهن، نجي تعليمي ادارن جي نمائندن سي ايس آر جي جديد ۽ پائيدار طريقين تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير سي ايس آر قدمن ۽ سرگرمين کي ساراهيو جيڪي نجي تعليمي ادارا پهرين ئي اختيار ڪري چڪا آهن، ان سان معاشري جي گهٽ سگهه رکندڙ طبقن جي ٻارن لاءِ معياري تعليم جي فراهمي جا دروازا کلي ويندا. اهي قدم پاڪستان جي انساني ترقي کي بلند ڪرڻ ۽ ملڪ جي سماجي سرمائي کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم آهن. مدد علي سنڌي استادن جي تربيت ۽ اهميت تي روشني وجهندي چ??و ته نه رڳو وفاق پر سمورن صوب?? ۾ ??ه ان کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ گهرجي. هن ٻڌا??و ته سي ڊي اي اسڪولن جا پلاٽ نيلام ڪرڻ جو منصوبو بڻايو آهي، هن پيرا (PEIRA) ۽ وزارت کي هدايت ڪئي ته هو ان عمل ۾ سي ڊي اي جو ساٿ ڏي.وفاقي وزير چ??و ته سندس ڌيان سرڪاري اسڪولن جي تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ پاڪستا?? ۾ ??سڪول نه ويندڙ ٻارن کي ڪنٽرول ڪرڻ تي آهي.هن چ??و ته وفاقي تعليم واري وزارت هر صوبي ۾ 2 ماڊل اسڪول ٺاهڻ جو منصوبو بڻايو آهي، مدد علي سنڌي سمورن پرائيويٽ ادارن جي مسئلن کي تسليم ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ هر ممڪن تعاون جي عزم جو اظهار ڪيو.