اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ”دي اڪانومسٽ“ آڏو عمران خان جي گهوسٽ آرٽيڪل جي ڇپجڻ جو معاملو اٿاريو ويندو. دي اڪانومسٽ ۾ مبينا طور تي عمران خان جي حوالي سان شايع ٿيندڙ مض??ون جي حوالي سان سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ”دي اڪانومسٽ“ جي ايڊيٽر کي مبينا طور تي عمران خان پاران لکيل آرٽيڪل بابت لکيو ويندو. هن چيو ته اها ڳالهه حيران ۽ پريشان ڪندڙ آهي ته ميڊيا جي هڪ معزز اداري هڪ اه??ي ماڻهو جي نالي سان مض??ون شايع ڪيو جيڪو جيل ۾ آهي ۽ ان کي سزا ٿي چڪي آهي. هن چيو ته اخلاقي معيارن کي برقرار رکڻ ۽ ذميواراڻي صحافت کي فروغ ڏيڻ انتهائي ضروري آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اسان ڄاڻڻ چاهينداسين ته ”دي اڪانومسٽ“ پاران مض??ون ڇپجڻ جي حوالي سان اداراتي فيصلو ڪيئن ڪيو ويو؟ مواد جي قانوني حيثيت ۽ اعتبار جي حوالي سان ڪهڙين ڳالهين کي نظر ۾ رکيو؟ هن چيو ته ڇا ”دي اڪانومسٽ“ دنيا جي ڪنهن ??ئي حصي مان جيل ۾ بند سياستدانن جا گهوسٽ آرٽيڪل شايع ڪيا آهن؟ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن جيل ۾ بند ڏوهاري ميڊيا کي لکڻ ج?? لاءِ آزاد هجن ته اهي پنهنجي هڪطرفي شڪايتن کي نشر ڪرڻ ج?? لاءِ سدائين ان موقعي جو اس??عم??ل ڪن ها.