راولپنڊي-27 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان 400 ڪلوميٽرن تائين جي مفاصلي تي انتهائي درستگي سان ه??فن کي نشانو بڻائڻ واري فتح ٽو ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب هي ميزائل جديد ترين ا??ويونڪس، نيويگيشن سسٽم ۽ منفرد اڏام جي صلاحيت سان ليس آهي. هٿيارن جو نظام 400ڪلوميٽرن جي حد تائين ا??تهائي درستگي سان ه??فن کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ٽنهي هٿياربند فوجن جا سينئر آفيسر، سائنسدان ۽ انجنيئرز فتح ٽو ميزائل تجربي جي موقعي تي موجود هئا. صدر مملڪت، نگران وزيراعظم، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ آرمي چيف فتح ٽو ميزائل جي ڪامياب تجربي تي هٿياربند فوج جي ماهرن ۽ سائنسدانن کي مبارڪون ڏنيون.