ابوظهبي – 28 – نومبر (اي پي پي) نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ ملڪ کي پوليو وائرس مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته حڪومت هڪ صحتمند ۽ محفوظ پاڪست??ن جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ان ڪوشش ۾ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جهڙا اعتماد جوڳا حصيدار مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ کي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن (بي ايم جي ايف) جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس ٽ??لي??ون ڪئي جنهن ۾ پاڪستان مان پوليو جي خاتمي جي لاءِ جاري ڪوششن ۾ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران وزي??اع??م هن وقت گڏيل عرب امارات جي سرڪاري دوري تي آهي. ٽ??لي??ون ڪال دوران نگران وزي??اع??م ۽ بل گيٽس نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ??ي موقعي تي ٿيل پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪيو. نگران وزي??اع??م پاڪستان کي پوليو کان محفوظ ملڪ بڻائڻ جي حڪومت جي ڪوششن ۾ گيٽس فائونڊيشن جي تعاون کي ساراهيو. هن ملڪ کي پوليو وائرس مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ پاڪست??ن جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان سلسلي ۾ نگران وزي??اع??م بل گيٽس کي سڄي پاڪستان ۾ جاري پوليو ويڪسينيشن مهم بابت آگاهه ڪيو. وڌيڪ اهو ته غذائي کوٽ جي مسئلن ۽ ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي موضوعن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. نگران وزي??اع??م حڪومت ۽ بي ايم جي ايف جي وچ ۾ بهترين تعاون تي اطمين??ن جو اظهار ڪيو. نگران وزي??اع??م چيو ته پاڪستان حڪومت هڪ صحتمند ۽ محفوظ پاڪست??ن جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ان ڪوشش ۾ بي ايم جي ايف جهڙا اعتماد جوڳا حصيدار مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا.