گڏيل قومون-01 نومبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي انساني حقن وا??ي ڪائونسل کان فلسطين ۽ ڪشمير ۾ قابض پرڏيهي فوجن طرفان انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين کي روڪڻ جو مطالبوڪيو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گذريل ڏينهن جنرل اسيمبلي ۾ گڏيل قومن جي 47 رڪني انساني حقن وا??ي ڪائونسل جي طريقيڪار ۾ امتيازي سلوڪ ۽ ٻٽي معيار کان پاسو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته انساني حقن کي جامع ۽ متوازن انداز ۾ هٿي ڏيڻ گهرجي. جنيوا ۾ انساني حقن وا??ي ڪائونسل جي صدر جي سا??ياني رپورٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي پ??ڪستاني سفير چيو ته ڪائونسل کي انساني حقن جي وڏي پ??ماني تي ٿيل ڀڃڪڙين کي روڪڻ گهرجي جيڪي پ??ڏيهي قبضي ۽ مداخلت جي حالتن ۾ ٿينديون آهن. هن چيو ته غزه ۽ والاريل فلسطين ۾ جيڪي دل ڏاريندڙ قتل عام ٿي رهيو آهي اهو اسان جي ٽيليويزن جي اسڪرينن تي نظر اچي رهيو آهي، هن چيو ته قابض طاقت اسرائيل کي 50 سا??ن کان وڌيڪ عرصي کان انهن خلاف ورزين جي جوابدهي کان ڇوٽ حاصل آهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ وڏي پ??ماني تي ٿيل انساني حقن جون ڀڃڪڙيون به واضح آهن. هن چيو ته ٻنهي صورت ۾ قابض طاقتن اسرائيل ۽ ڀارت دهشتگردي خلاف جنگ جي آڙ ۾ آزادي جي جائز جدوجهد کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن اسرائيل فلسطين تڪرار جو حوالو ڏيندي چيو ته وچ اوڀر ۾ تازي ڇڪتاڻ پرڏيهي قبضي کي برقرار رکڻ خاطر اجاگر ڪري ٿي، هن دنيا جي ڪجهه حصن ۾ نسلي ??فرت، مذهبي بالادستي ۽ انتهائي ۽ پرتشدد قوم پرستي ۽ فاشزم جي عروج جو مقابلو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششن تي پڻ زور ڀريو. هن چيو ته اسلامو فوبيا مسلمانن خلاف امتيازي سلوڪ ۽ حملا، حجاب تي پ??بندي، قرآن پاڪ جي بي حرمتي، گستاخي واري خاڪن ۽ اسلامي نشانين ۽ مقدس ماڳن جي ٽوڙ ڦوڙ نئين مظاهر جو هڪ وڏو عنصر آهي. اظهار راءِ جي آزادي جي آڙ ۾ اهڙين ڪاررواين جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته اسان جي پ??ڙيسري ملڪ ڀارت ۾ اسلامو فوبيا وبا وانگر پکڙجي رهيو آهي جنهن سا?? مسلمانن جي نسل ڪشي جو خطرو آهي. هن چيو ته ڪائونسل کي ان نسل ڪشي جي خطري کي سڌو سنئون منهن ڏيڻ گهرجي.