اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي يونيورسٽين ۾ نوان شعبا شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته شاگردن کي مارڪيٽ جي ضر??رت?? موجب تعليم ۽ هنر فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ معياري گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻ جي لاءِ يونيورسٽين کي آن لائين تعليم جي نظام کي پڻ استعمال ۾ آڻڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪامسيٽس يونيورسٽي اسلام آباد جي سينيٽ جي ڇهين ا??لا?? جي صدارت ڪندي ڪيو. ا??لا?? ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪامسيٽس، سيڪريٽري سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ سيڪريٽري وفاقي تعليم سميت سينيٽ جي ميمبرن شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ا??لا?? کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪي يونيورسٽين جي معاملن تي وقت سر فيصلاسازي جي لاءِ سينيٽ ا??لا?? باقاعدگي سان ۽ وقت سر منعقد ڪيا ??ڃن?? سمورين يونيورسٽين ۽ لاڳاپيل وزارتن کي سينيٽ ميمبرن جون خالي سيٽون وقت سر ڀرڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته يونيورسٽين کي انتظامي ۽ تدريسي جاين تي ميرٽ تي ڀرتي جو عمل پڻ وقت تي شروع ڪرڻ گهرجي. هن زور ڏنو ته يونيورسٽيون مارڪيٽ جي ضر??رت?? کي نظر ۾ رکندي نوان شعبا شروع ڪن، يونيورسٽين ۾ نئين شعبن ۾ درس ۽ تدريس شروع ڪرڻ کان اڳ مارڪيٽ جي ضر??رت?? جو جائزو پڻ وٺڻ گهرجي. صدر يونيورسٽين تي زور ڏنو ته اهي شاگردن کي مارڪيٽ جي ضر??رت?? موجب تعليم ۽ هنر فراهم ڪن. هن چيو ته پاڪستان ۾ يونيورسٽين ۾ داخلا وٺندڙ شاگردن جو انگ خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي، يونيورسٽيون معياري گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻ جي لاءِ آن لائين تعليم جو سهارو وٺن. اهڙي طرح يونيورسٽيون آمدني وڌائڻ جي لاءِ نوان رستا ڳولين ۽ تحقيقي گرانٽس حاصل ڪرڻ جي لاءِ پروفيشنلز جي مدد وٺن. ا??لا?? ۾ ڪامسيٽس يونيورسٽي جي مالي، انتظامي، تعليمي ۽ ملازمن سان لاڳاپيل معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.