اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران ??يٽ اپ چونڊ عمل ۾ معاونت، امن امان ۽ چونڊون منعقد ڪرڻ بابت مالي معاملن کي ڏسڻ جي لاءِ تيار آهي، وفاقي ۽ صوبائي سطح تي اهڙن آفيسرن ۽ سياسي شخصيتن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جيڪي اسمگلنگ ۽ غيرقانوني واپاري سرگرمين ۾ ملوث هئا، لاڳاپيل عملدار انهن جي خلاف ثبوت پڻ حاصل ڪري رهيا آهن جن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو ويندو، جنهن سان ??نهن کي سزا ٻڌائي ويندي، هن يقين ڏياريو ته اهڙين سرگرمين ۾ ملوث سمورن ماڻهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام دوران ڳالهائيندي نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ايراني تيل جي اسمگلنگ جي معاملي ۾ ڪيترائي بيوروڪريٽس ۽ سياسي شخصيتون ملوث آهن. ماضي ۾ سياسي شخصيتن سرحدي علائقن ۾ واپار جي اجازت ڏيڻ جو معاملو اٿاريو هو. انهن علائقن جا ڊپٽي ڪمشنرز تيل کڻي ويندڙ هر گاڏي جي چرپر جي لاءِ 200000 کان 250000 رپين جا ٽوڪن جاري ڪندا هئا. اهڙيون 20000 ک??ن وڌيڪ گاڏيون غيرقانوني واپار ۾ ملوث آهن، جنهن سان ??يرقانوني آمدني ۾ اضافو ٿيو آهي. ڊالر جي غيرقانوني واپار جي حوالي سان پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته هن سخت قدمن جي ذريعي ??ن واپار کي عملي طور تي موجوده قانون لاڳو ڪرڻ جي ذريعي روڪيو. اسان ??هڙي طرح جي غيرقانوني سرگرمي جو نالو تبديل ڪري ان کي ”غيرقانوني واپار“ قرار ڏنو آهي. گهٽ ۾ گهٽ اسان ??ن سلسلي ۾ هڪ سنگ ميل حاصل ڪيو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته آمريڪي ڊالر کي مختلف ڪرنسين ۾ تبديل ڪري پوري خطي ۾ ڦهلايو ويو، جنهن سان هڪ شيطاني چڪر شروع ٿيو جيڪو گذريل ڏيڍ سال کان ڪم ڪري رهيو هو، جنهن کي هاڻي عملي ڪريڪ ڊائون، قانون ۽ بارڊر مئنيجمينٽ ذريعي ٽوڙي?? پيو وڃي. نگر??ن وزيراعظم ان ??ميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستاني رپيو وڌيڪ مستحڪم ٿيندو. ملڪ ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ بابت هن راءِ ڏني ته چونڊون جنوري جي وچ يا جنوري جي آخر تائين ٿي سگهن ٿيون جڏهن ته ان ??والي سان فيصلو ڪرڻ اليڪشن ڪميشن تي آهي. هن چيو ته نگران ??يٽ اپ چونڊ عمل ۾ معاونت، امن امان ۽ چونڊون منعقد ڪرڻ بابت مالي معاملن کي ڏسڻ جي لاءِ تيار آهي. هن وڌيڪ چيو ته تڪبنديون هڪ آئيني عمل آهي، صدر ان ??لسلي ۾ اي سي پي کي مشورو به ڏنو هو ۽ ڪميشن ان ??ي غور ڪندي. نگر??ن وزيراعظم هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ناڻي واڌ جو تعلق شين جي طلب، پهچ ۽ ضروري خدمتن جي دستيابي سان ??هي. هن چيو ته ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ جي ذريعي مصنوعي مهانگائي پيدا ڪئي وئي، اسمگلنگ جي خلاف جاري آپريشنز جا ٺوس ۽ مثبت نتيجا نڪري رهيا آهن، هن کند جي قيمت ۾ گهٽتائي جو حوالو ڏنو. معا??ي بحالي جي حوالي سان هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن موجوده آرمي چيف کي قومي معيشت ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي ساراهيو. هن انهن سول ادارن جي صلاحيت ۾ اضافي تي زور ڏنو جن کي خراب ٿيندڙ صورتحال درپيش آهي. نگر??ن وزيراعظم چيو ته ايندڙ حڪومت کي خدمتن جي تياري ۽ اضافي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ مالي سڌارن جي پروگرام کانسواءِ سياسي پارٽين جو منشور نگران ??ڪومت جي مختصر مدي دوران ٿيندڙ ڪاميابين کي متاثر ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته معاشي استحڪام سياسي استحڪام س??ن واڳيل آهي ۽ سمورين سياسي پارٽين کي آئيني ۽ قانوني شقن جون ڌڄيو?? اڏائڻ کانسواءِ قانوني رستي سان ??ياسي اقتدار حاصل ڪرڻ جو قانوني حق حاصل آهي. 9 مئي جي واقعن بابت هن چيو ته ڪاوڙ ۾ اچي ڪير پنهنجي ئي گهر کي ڪيئن باهه لڳائي سگهي ٿو. اهڙين حرڪتن ۽ طرزعمل ۾ ڪو منطق نه هو ۽ اهو قابل قبول نه آهي. هن زور ڏئي چيو ته جيڪڏهن آئون پي ٽي آءِ (پاڪستان ??حريڪ انصاف) جو حصو هجان ها ته آئون اهڙين حرڪتن جي حقيقي مذمت ڪريان ها ۽ پارٽي کي ڀڃ ڊاهه کان پري ڪريان ها. پي ٽي آءِ سربراهه جي ٽرائل بابت سوال جي جواب ۾ نگر??ن وزيراعظم چيو ته اهڙن معاملن جو فيصلو عدالتن تي ڇڏڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي جي گرفتاري بابت هن چيو ته اهو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي آهي ته ڇا قانون ڪنهن کي هٿڪڙي لڳائڻ جي اجازت ڏي ٿو يا نه. پاڪستان مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي پاڪست??ن واپسي بابت هڪ سوال بابت هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا فيصلو ڪندا ته ڇا ان کي گرفتار ڪري سگهجي ٿو يا ٻي صورت ۾ قانونن موجب عمل ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته هو رڳو ان ??ورت ۾ مداخلت ڪندا جڏهن قانونن جي خلاف ورزي ڪئي وئي هجي. ايندڙ چيف جسٽس آف پاڪستان ??ي آجيان ڪندي نگر??ن وزيراعظم چيو ته هو کيس پنهنجي اباڻي صوبي بلوچستان ??ي هڪ روشن خيال شخصيت سمجهي ٿو ۽ اميد ڪري ٿو ته هو عدالتي سڌارن جي شروعات ڪندو. نگر??ن وزيراعظم هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته آمريڪي فوج افغان نيشنل آرمي کي تربيت ڏني ۽ افغانستان ۾ کربين ڊالر خرچ ڪيا پر انهن جي انخلا کانپوءِ افغان نيشنل فورس تيزي سان گم ٿي وئي ۽ انهن کي ڏنل هٿيار به گم ٿي ويا. هاڻي اهي ئي سڄي دنيا ۾ بليڪ مارڪيٽن ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ٽي ٽي پي، داعش ۽ بي ايل اي جهڙين دهشتگرد تنظيمن پاڪستان ??ي اندر دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ اهڙا هٿيار استعمال ڪيا آهن. افغان ??هواسين جو هڪ وڏو انگ جيڪو بنا دستاويزن يا جعلي دستاويزن جي پاڪستان ۾ رهي ٿو انهن کي فوري طور تي واپس موڪليو ويندو. نگر??ن وزيراعظم ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ته سڀني جو شفاف احتساب ٿيڻ گهرجي پر ان کي سياسي انتقام جي لاءِ استعمال ڪرڻ ختم ٿيڻ گهرجي.