اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??اڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي قائم ڪرڻ سميت ٽن بلن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پ??يس ونگ موجب صدر اليڪشنز (ٻي ترميم) بل 2023ع جي منظوري ڏني آهي. بل جو مقصد اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ ترميم ڪرڻ آهي. صدر پاڪستان ساورن ويلٿ فنڊ بل 2023ع جي منظوري ڏني. بل جو مقصد پاڪستان ساورن ويلٿ فنڊ قائم ڪرڻ آهي. صدر پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي بل 2023ع جي منظوري ڏني. بل جو مقصد ايئرپورٽس جي بهتر انتظام، آپريشن ۽ ترقي ۽ ايئر ٽرانسپورٽ خدمتن ۾ بهتري جي لاءِ پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جو قيام آهي. صدر ٽنهي بلن جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڏني آهي.